رکل داس بينرجي

رکل داس بينرجي

رکل داس بينرجي

رکل داس بينرجي: نامور قديم آثارن جو ماهر رکل داس اصل ۾ بنگالي، مقامي تاريخدان ۽ هندستان ۾ قديم آثارن جو وڏو پارکو ۽ ان جي بنياد رکندڙن مان هو. رکل داس ڪتبه خوانيءَ ۽ قديم تحريرن پڙهڻ جو وڏو ماهر هو. هن 12 اپريل 1885ع تي متي لال (پيءُ) ۽ ڪالي متي (ماءُ) جي گهر، مرشدآباد ضلعي جي ڳوٺ برهم پور ۾ جنم ورتو. هن گريجوئيشن پريزيڊنسي ڪاليج ڪلڪتي مان 1907ع ۾ تاريخ جي مضمون ۾ ڪئي، جڏهن ته ايم. اي ساڳئي مضمون ۾ ڪلڪتي يونيورسٽيءَ مان 1910ع ۾ ڪيائين. ساڳئي سال هندستان جي قديم آثارن واري کاتي ۾ ڪلڪتي ميوزم جي سنڀال لاءِ اسسٽنٽ مقرر ٿيو. 1911ع ۾ کيس آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا ۾ اسسٽنٽ سپرنٽينڊنٽ جي عهدي تي ترقي ڏني وئي. هيءُ ڪلڪتي يونيورسٽيءَ ۾ استاد به مقرر ٿيو. ان کان پوءِ هن بنارس هندو يونيورسٽيءَ ۾ پڙهايو ۽ پڙهائڻ جو اهو سلسلو سندس وفات 1930ع تائين جاري رهيو.
پهرين رکل داس قديم لکتن ۽ ڪتبن پڙهڻ سان پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات ڪئي. 1919ع ۾ هن بنگالي ٻوليءَ جي اصليت بابت The Origin of the Bangali Script نالي ڪتاب لکيو. ان تي ڪلڪتي يونيورسٽيءَ کيس جوبلي ريسرچ پرائيز ڏنو. رکل داس پهريون شخص هو، جنهن بنگالي ٻولي ۽ لکت تي ڪم ڪيو، هن قرون وسطيٰ جي هندستاني سڪن تي پڻ شاندار ڪم ڪيو. سندس گپتا دور جي مجسمه سازي ۽ عمارتسازيءَ تي ٿيل ڪم به ڏاڍو عالماڻو آهي، جيڪو سندس ڪتاب Eastern Indian Medieval Shool of Sculpture مان ڏسي سگهجي ٿو. هي ڪتاب 1933ع ۾ ڇپيو.
انهن سڀني ڳالهين باوجود سندس اصلي شهرت ۽ ڪم موهن جي دڙي تي تحقيق ۽ خاص طور هڙاپا واري ماڳ تي ٿيل ڪم آهي. انهيءَ سلسلي ۾ هن جو پهريون مقالو An Indian City Five Thousand Years Age ڪلڪته ميونسپل گزيٽئر ۾ نومبر 1926ع ڌاري ڇپيو. ان کانپوءِ 1934ع ۾ سندس مقالو Prehistoric Ancient and Hindu India ڇپيو، جنهن ۾ موهن جي دڙي بابت ڪافي مواد شامل ڪيائين، ان کانپوءِ سندس مشهور ڪتاب Mohen jo Daro, Forgotten Report شايع ٿيو.
رکل داس، ڪلڪتي يونيورسٽيءَ لاءِ نصابي ڪتاب به لکيا هئا، جن مان: (1)History of India (1924) ، (2) Junior History of India(1928) اهم آهن. سندس ليڪچرن کي سهيڙي Gupta The Age of Imperial جي نالي سان 1933ع ۾ هڪ ڪتاب ڇپايو ويو.
هن ٻن جلدن ۾Bengal in Bangla ۽ ٻن جلدن ۾ History of Orissa لکيا. اهو پهريون ڀيرو هو، جو بنگال جي تاريخ تي سائنسي انداز ۾ ڪم ٿيو هو. هن ڪيترا ناول به لکيا، جيڪي اڄ به بنگالي ٻوليءَ ۾ ڪــلاسڪ جو درجو رکن ٿا، جن ۾ هيٺيان ڪتاب مشهور آهن:
(1) Shaghanka
(2) Darmapala
(3) Karuna
(4) Mayukh
(5) Asim
(6) Lutfullah
(7) Druba
(8) Pasaner Katha
(9) Anuk Rama
(10) Hema kana
هيءُ نامور عالم 1930ع ۾ 45 سالن جي عمر ۾ وفات ڪري ويو. توڙي جو جان مارشل جو نالو موهن جي دڙي جي نسبت سان گهڻو مشهور آهي، پر حقيقت اها آهي ته هو هندستان جي آرڪيالاجي کاتي جو سربراهه هو، تنهنڪري سڀ رپورٽون سندس نالي سان شايع ٿينديون هيون، نه ته سنڌ تي ٻن بنگالين جو سڀ کان وڏو ٿورو آهي. هڪڙو نيني گوپال مجمدار ۽ ٻيو رکل داس بينرجي، جن سنڌ جي تاريخ کي سائنسي انداز ۾ سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ سنڌ جي قديم آثارن تي ڪافي ڪم ڪيو.


لفظ رکل داس بينرجيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1885.04.12  عيسوي

نامور قديم آثارن جو ماهر رکل داس اصل ۾ بنگالي، مقامي تاريخدان ۽ هندستان ۾ قديم آثارن جو وڏو پارکو ۽ ان جي بنياد رکندڙن مان هو. رکل داس ڪتبه خوانيءَ ۽ قديم تحريرن پڙهڻ جو وڏو ماهر هو. هن 12 اپريل 1885ع تي متي لال (پيءُ) ۽ ڪالي متي (ماءُ) جي گهر، مرشدآباد ضلعي جي ڳوٺ برهم پور ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

برڪت علي خان
صاحبڏنو عباسي سائين
ثابت بن ضحاڪ
خلجي گهراڻو
آخوند محمد حيات حاتم
سمڀا بن ڪرشنا
جون رضه
ايس بي جان
بخشل ٿلهو
ابراهيم بن اڌم بلخي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون